جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ نيشنلزم

جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ نيشنلزم

جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ نيشنلزم

جي. ايم. سيد جي جدوجهد ۽ نيشنلزم (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اديب آزاد قاضيءَ ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي نامور سياستدانن، اديبن ۽ قومي ڪارڪنن رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر، علي نواز ٻٽ، غلام رسول سهتي، جاويد قاضي (لاهور)، خليل انصاري، حميد سبزوئي، سهيل ميمڻ، احمد علي تُنيي ۽ آزاد قاضيءَ جا جي. ايم. سيد جي زندگيءَ تي لکيل مضمون شامل آهن. هي ڪتاب جي. ايم. سيد لٽرري سوسائٽي، ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي ۽ ڪتاب جو مقدمو آزاد قاضيءَ لکيو آهي. 128 صفحن ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 60 رپيا ڄاڻايل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ آزاد قاضيءَ جو جي. ايم. سيد جي عقيدت ۾ لکيل نظم ڏنل آهي. هي ڪتاب جي. ايم. سيد جي وفات کان پوءِ 1996ع ۾ ٿيندڙ پهرين سالگرهه تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو